پيناڊول ڪمپني پاران ٻارن لاءِ سيرپ نه ٺاهڻ جو فيصلو، وزيراعظم جي پرسنل سيڪريٽري کي خط

ڪراچي: دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جي ايس ڪي پاڪستان پيناڊول جون ٽڪيون ۽ ٻارن جي لاءِ سيرپ ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيو.

جي ايس ڪي پاڪستان جي جنرل مينيجر فرحان هارون وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توقير شاهه کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پيناڊول ٽڪين، پيناڊول ايڪسٽرا ۽ ٻارن جي لاءِ سيرپ ٺاهڻ بند ڪري رهيا آهيون.

خط ۾ چيو ويو آهي ته هاڻوڪي اگهن تي پيناڊول شيون ٺاهڻ ممڪن ئي ناهي رهيو، پاڪستان جي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پيناڊول جي اگهڻ ۾ واڌ جي سفارش ڪئي، ميڊيا رپورٽن موجب وفاقي ڪابينا اهڙي واڌ کي رد ڪري ڇڏيو.

جي ايس ڪي پاڪستان جي جنرل مينيجر خط ۾ لکيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان نقصان ڪري پيناڊول ٺاهي رهيا آهيون جيڪو هاڻي ممڪن ناهي، حڪومت ڊريپ جا منظور ڪيل اگهه منظور ڪري ته دوائون ٻيهر ٺاهڻ شروع ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔