امريڪا پُراعتماد آهي ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي هٿيارن جِي حفاظت ڪري سگهي ٿو: امريڪي پرڏيھي کاتو

ڪراچي: امريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان پاران جوبائيڊن جَي تڪراري بيان تي وضاحت ڏني آھي، آمريڪي پرڏيھي کاتي جي ترجمان موجب امريڪا پُراعتماد آهي ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي هٿيارن جِي حفاظت ڪري سگهي ٿو

ويدنت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي اثاثن جِي حفاظت ڪرڻ جِي صلاحيت رکي ٿو، امريڪا سدائين محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان کي پنهنجي مفادن لاءِ اهم سمجهي ٿو، اسلام آباد جَي سهڪار جي قدر ڪيون ٿا

آمريڪا ھميشا محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان کي پنھنجي مفادن جي لاءِ اھم سمجھي ٿو، امريڪا پاڪستان سان گڏ ڊگھي مدي وارن لاڳاپن جي قدر ڪري ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔