ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف اين اي 237 جي چونڊ نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي
حڪيم بلوچ جي ڪاميابي کي پي ٽي آءِ سنڌ چئلينج جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي درخواست داخل ڪرائي
درخواست ڊاڪٽر شهاب امام ايڊووڪيٽ ذريعي داخل ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسمبلي جي تڪ 237 ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي آهي
پي ٽي آءِ جي درخواست چيو ويو آھي ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن طرفان تڪ ۾ جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، اسان اليڪشن ڪميشن کي تڪ ۾ ڌانڌلي جون شڪايتون پڻ ڪيون آهن
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پاران ڌانڌلي ۽ ٻين شڪايتن جي شفاف انڪوائري جو حڪم ڏنو وڃي
درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت ۽ حڪيم بلوچ کي ڌر بڻايو ويو آهي