منڇر ڍنڍ کي لڳل گهارو 36 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيو

ڀان سيدآباد؛ منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ وٽ ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارو 36 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيو

آبپاشي کاتي ۽ ايس آر پي پاران گهاري کي بند ڪرڻ جو ڪم سست رفتاري جو شڪار بڻجي ويو، ٺيڪيدار پاران گهارو بند ڪرڻ واري ڪم ۾ ناقص مٽي وجهڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي

ذريعن موجب گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ پٿرن جو استعمال ئي نه ڪيو ويو، اڳ ئي بند تي پيل مٽي کي کوٽي گهاري واري هنڌ وڌو پيو وڃي

پٿر ۽ مٽي نه وجهڻ سبب گهاري واري هنڌ پاڻي جي دٻاء وڌڻ سبب  ٻيهر بند ٽٽڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو

آبپاشي عملدارن ۽ ٺيڪيدار جي مبينا ملي ڀڳت سبب گهاري کي بند ڪرڻ ۾ روايتي سست رفتاري ۽ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔