اسلام آباد :عدالت طرفان شهباز گِل کي سموريون شيون واپس ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد جي مقامي عدالت طرفان شهباز گِل کي سموريون شيون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

مقامي عدالت ۾ شهباز گِل خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي، عدالت پاران شھباز گل کي سموريون شيون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

جج پاران پوليس کي حڪم ڏنو ويو تھ جيڪڏهن شهباز گِل کي اڄ شيون واپس نه مليون ته عدالت هليا اچجوعدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي شھباز گل چيو تھ  سڄي اسلام آباد ۾ ڪنٽينر رکيا پيا وڃن، اها ڪٿان ٿا اچن

چيف جسٽس کي گذارش ڪيان ٿو ڪابينا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، نوٽيس ورتو وڃي، سڄي اسلام آباد ۾ ڪنٽينر رکيا پيا وڃن، اها ڪٿان ٿا اچن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔