وفاق ۽ صوبائي بيوروڪريسي جي جهيڙن سبب منصوبا ليٽ ٿي وڃن ٿا: بلاول

مٺي؛ پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق ۽ صوبائي بيوروڪريسي جي جهيڙن سبب منصوبا ليٽ ٿي وڃن ٿا

مٺي ۾ تقريب کي خطاب دوران بلاول چيو ته منصوبا تڪڙا مڪمل ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌ جو هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو وڃي، چاهيون ٿا ته ٿر ۾ به “شهباز اسپيڊ” سان ڪم ٿئي

بلاول چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي فيصل آباد جون انڊسٽريز هلي رهيون آهن،  ٿر جو ڪوئلو سڄي پاڪستان کي تبديل ڪري سگهي ٿو، ٿرڪول منصوبن سان گرين انقلاب آڻي سگهون ٿا

هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي اسان سولر پينل کڙا ڪري سگهون ٿا، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي وزيراعظم ۽ اسان جي گڏيل ذميواري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔