ڪراچي: بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڊفينس واري علائقي ۾ ٿيل ڌماڪي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي
بم ڊسپوزل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعي ۾ ڪا به آئي اي ڊي يا اي ڊي ڊي استعمال ناهي ٿي، واقعي ۽ پنج موٽر سائيڪلن ۽ هڪ ڪار کي نقصان پهتو
رپورٽ موجب اٺ گئس سيلنڊرز ۽ گئس لائين انتهائي خراب حالت ۾ مليا، واقعي جو بم ڊسپوزل اسڪواڊ سان ڪو تعلق ناهي
واقعي جو تعلق ايس ايس جي سي ۽ سلينڊر ڪمپني سان آهي، ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿيا هئا