نيب شرجيل ميمڻ خلاف مڪمل جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي: نيب صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف مڪمل جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته شرجيل ميمڻ خلاف ڪراچي، سکر ۽ راولپنڊي مان رپورٽون مليون آهن، اسلام آباد مان رپورٽ نه ملي آهي، شرجيل ميمڻ خلاف سکر ۾ ڪا به انڪوائري نه آهي

شرجيل ميمڻ جي وڪيل چيو ته ايترو وقت گذرڻ باوجود نيب رپورٽ پيش ناهي ڪئي، بنا جواز شرجيل ميمڻ کي هيسايو پيو وڃي

جسٽس جنيد غفار رمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي قانون تبديل ٿي چڪو آهي، خوف جي ڪا ڳالهه ناهي، جيڪڏهن جاچ ٿيندي ته پهرين نوٽيس ايندو

شرجيل ميمڻ چيو ته چاهيون ٿا ته نيب انڪوائري شروع ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ پهرين ڪال اپ نوٽيس جاري ڪري، عدالت ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔