وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جوڊيشل مئجسٽريٽ طرفان راڻا ثناءُالله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پنجاب جي ترجمان موجب اينٽي ڪرپشن راڻا ثناءُالله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. راڻا ثناءُالله جا گرفتاري وارنٽ اينٽي ڪرپشن ۾ حاضر نه ٿيڻ تي جاري ڪيا ويا آهن.
اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پنجاب جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُالله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ڪيس نمبر 19/20 ۾ جاري ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب راڻا ثناءُالله جي گرفتاري لاءِ اسلام آباد پوليس سان رابطو ڪيو ويندو پر اڃان تائين ڪنهن به ڪوهسار ٿاڻي جي پوليس سان رابطو نه ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔