عمران خان جي لانگ مارچ کي هر صورت ۾ ناڪام بڻائڻو آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي لانگ مارچ کي هر صورت ۾ ناڪام بڻائڻو آهي، جيڪڏهن هٿياربند جٿن اسلام آباد پهچي مطالبا مڃرايا ته پوءِ پارليامينٽ جي ڪهڙي ضرورت آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران نيازي جي برگر فورس اسلام آباد آئي ته هنن جي سٺي حجامت ڪنداسين

راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جي اها ڀل آهي ته هو هن ڀيري ٽاپ گيئر سان ايندو، آڊيو ليڪس عمران خان جي سياست کي ڪفن پارائي ڇڏيو آهي، راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله نيازيءَ کي حراست ۾ وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔