مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي وڏو رليف ملي ويو

لاھور: مني لانڊرنگ  ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي وڏو رليف ملي ويو آھي، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي مستقلي حاضري کان معافي واري درخواست منظور ڪئي وئي آھي

لاھور جي احتساب عدالت پاران مني لانڊرنگ ريفرنس ۾  وزيراعظم شهباز شريف کي رليف ملي ويو آھي، شهباز شريف جي مستقلي حاضري کان معافي واري درخواست منظور ڪئي وئي

احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست منظور ڪئي، شهباز شريف کي پيشيءَ لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آھي

حمزا شهباز جي به هڪ ڏينهن لاءِحاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي آھي، شهباز-حمزا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي، احتساب عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن تي طلب ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔