ٻوڏ: گڏيل قومن پاڪستان جي لاءِ انساني امداد جي اپيل ۾ 5 پنجوڻ تي اضافو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: گڏيل قومن موسمياتي تبديلين سبب ايندڙ ٻوڏ جي تباھين کي منھن ڏيندڙ پاڪستان جي لاءِ انساني امداد جي اپيل ۾ پنجوڻ تي واڌ ڪري ڇڏي آھي

گڏيل قومن امداد جي اپيل 16 ڪروڙ ڊالر کان وڌائي 81 ڪروڙ 60 لک ڊالر ڪري ڇڏي آھي، امداد ۾ واڌ جي اپيل جينيوا ۾ اڄ يو اين ۽ پاڪستان جي طرفان گڏيل طور پيش ڪئي ويندي

رپورٽس موجب گڏيل قومن جي عھديدار جو چوڻ آھي تھ پاڪستان بدترين ٻوڏ بعد پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين کي منھن ڏئي رھيو آھي جنھن ۾ مدد جي لاءِ امداد ۾ واڌ جي اپيل ڪئي پئي وڃي

پاڪستان جي لاءِ گڏيل قومن جي رابطا آفيسر جوليئن ھارنيس جو جينيوا ۾ بريفنگ ۾ چوڻ ھو تھ ٻوڏ متاثر موت ۽ تباھي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رھيا آھن، متاثر علائقن ۾ صحت، غزا، پاڻي ۽ صفائي جي ڪمن ۾ جلد حڪومت پاڪستان جي مدد نھ ڪئي وئي تھ ٻارن جي بيمارين ۾ خوفناڪ واڌ ٿي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔