سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 10 ڄڻن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران جوڳي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

عدالت پاران پوليس، رينجرز ۽ ٻين ادارن کي ماڻهن جي بازيابي بابت تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي، عدالت صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کان 6 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي

ٻڌڻي دوران پوليس ٻن شهرين امتياز ۽ عديل جي واپس گهر پهچڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي، عدالت ٻن شهرين جي واپسي بعد ڪيس اُڪلائي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔