هارائڻ جو آپشن ناهي پر اسين بهترين ٽيم ناهيون: رميز راجا

لاهور:  پاڪستان جي شڪست تي پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته هارائڻ جو آپشن ناهي پر اسين دنيا جي بهترين ٽيم ناهيون

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽيم جي حوالي سان هلڪو هٿ رکو، اسان کان غلطيون ٿي رهيون آهن ڇو جو دنيا جي بهترين ٽيم ناهيون پر ٽيم خوشيون ڏئي رهي آهي

هن چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم۾ هڪ ميچ ونر نه پر ڪيترائي ميچ ونرز آهن انهن جي حمايت ڪئي وڃي ٽيم کي مايوس نه ڪريو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔