اسان جي ورلڊ ڪپ جي تياري ناهي، ٽرائلز پيا ٿين: عاقب جاويد

لاهور: قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ لاهور قلندرز جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد هڪ ڀيرو وري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي تيارين تي سخت تنقيد ڪئي آهي

نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته اسان کي روٽيشن پاليسي اپنائڻ گهرجي، منهنجي خيال ۾ اسان جي ورلڊ ڪپ جي تياري ناهي ٽرائلز ٿي رهيا آهن

عاقب جاويد چيو ته ٽورنامينٽ هميشه بالنگ کٽرائيندي آهي، هڪ ٻه ميچون بيٽنگ سان کٽبيون آهن. قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته هن وقت شاهين شاهه آفريدي ۽ جسپريت بمراه دنيا جا بهترين فاسٽ بالر آهن. واضح رهي ته شاهين آفريدي انجري سبب انگلينڊ ۾ ري هيپ جي عمل مان گذري رهيو آهي ۽ هن ٻيهر بالنگ جو آغاز به ڪري ڇڏيو آهي

جڏهن ته ڀارت جو جسپريت بمراه انجري سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿي چڪو آهي ۽ هن جي جاءِ تي محمد سراج کي ڀارتي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔