تحريڪ انصاف وزيراعظم ۽ وزيرن جي آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين وزيرن جي مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

تحريڪ انصاف طرفان داخل درخواست ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ٻين ميمبرن کي ڌر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته مبينا آڊيو ليڪس جو ٽرانسڪرپٽ به درخواست سان ڳنڍيو ويو آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آڊيو ليڪس ۾ موجوده حڪومت جي بدنيتي واضح آهي، شهباز شريف ۽ ٻين وزيرن حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، آڊيو ليڪس جي جاچ ڪري شهباز شريف ۽ ڪابينا خلاف ڪرمنل ڪارروائي ڪئي وڃي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آڊيو ليڪس ۾ درخواستگذار کي سياست کان پري رکڻ جي سازش ڪئي وئي، ان آڊيو ليڪس ۾ درخواستگذار کي مجرماڻي سازش تحت نشانو بڻايو ويو، آڊيو ليڪس جو وزيرعظم ۽ گھرو وزير اعتراف ڪري چڪا آھن

درخواست ۾ راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ ۽ اياز صادق خلاف فوجداري ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون استعيفائون رٿابنديءَ سان منظور نه ڪيون ويون، هي درخواست التوا واري ڪيس سان ڳنڍيل آهي

 استعيفائن جي مرحليوار منظوري بابت انڪوائري ڪميشن انڪوائري ڪري، شهباز شريف ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جڏهن ته اعظم نذير تارڙ، خواجا آصف، احسن اقبال، اياز صادق ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔