تقرير دوران عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ جوڪو به ارادو نه هو: عمران خان حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ عورت جج بابت توهين آميز لفظن واري معاملي تي حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آھي

عمران خان پاران اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان ۾ چيو ويو آھي تھ گذريل ٻڌڻي تي عدالت جي سامھون جيڪو چيو ان تي مڪمل ڪندس، عدالت اطمينان جي لاءِ وڌيڪ ڪجھ چوي تھ ان تي وڌيڪ عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار آھيان

تقرير دوران عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ جو ڪو به ارادو نه هو، عورت جج خلاف ايڪشن مان منهنجو مطلب ليگل ايڪشن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هو

عمران خان وڌيڪ چيو تھ جيڪڏهن جج کي اهو تاثر مليو آهي ته ريڊ لائين ڪراس ٿي آهي ته معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان، عمران خان جو بيان حلفي سندس وڪيل جمع ڪرايو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔