پاڪستاني فلم “جوائي لينڊ” آسڪر 2023ع ۾ مقابلي لاءِ نامزد

ڪراچي: 95 هين اڪيڊمي ايوارڊ ۾ مقابلي جي ڊوڙ ۾ پاڪستان صائم صادق جي فلم “جوائي لينڊ” کي سرڪاري طور تي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان آسڪر سليڪشن ڪميٽي “جوائي لينڊ” کي “انٽرنيشنل فيچر فلم ايوارڊ” جي ڪيٽيگري لاءِ نامزد ڪيو آهي

ڪاميٽي جي چيئرپرسن شرمين عبيد چنائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڪيڊمي ايوارڊ ۾ مقابلي لاءِ اسان پنهنجي بهترين فلم کي موڪلي رهيا آهيون

هن وڌيڪ چيو ته “جوائي لينڊ” اسان کي اميد ڏياريندي آهي ته پاڪستاني سينيما آخرڪار عالمي اسٽيج تي پنهنجو مقام بڻائي رهيو آهي. جوائي لينڊ جو پريميئر هلندڙ سال فرانس منعقد ڪانز فلمي ميلي ۾ ٿيو

جتي هن کي شاندار پذيرائي ملي ۽ فلم ڪانز ميلي ۾ ٻه اعزاز “جيوري ايوارڊ” ۽ “ڪويرپام” حاصل ڪيا. فلم هڪ فڪشن ڪهاڻي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ٽرانسجينڊرز جي زندگي جي واقعن کي اجاگر ڪيو ويو آهي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔