ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگهي اڄ وڌيڪ 13 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي: ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگهي اڄ وڌيڪ 13 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، شهدادڪوٽ جي رليف ڪيمپس ۾ اڄ گيسٽرو وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا فوتي ٻارڙن ۾ 5 سالن جو فهيم گاڏهي ۽ 4 سالن جو سهيل کوسو شامل آھن

گذريل ڏينهن ساڳين رليف ڪيمپس ۾ 4 ٻار فوت ٿي ويا هئا، اڪري چودڳي ۾ به گيسٽرو وگهي وڌيڪ 2 ٻارن دم ڏنو، جيڪب آباد ۾ مليريا وگهي 13 سالن جو نينگر سراج بروهي فوت ٿي ويو

 ڀان سيد آباد ۾ مليريا وگهي ناري صوفيا سيهڙو دم ڏنو، نوشهروفيروز ۾ 50 سالن جو غلام حيدر سولنگي مليريا وگهي فوت ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔