ڪراچي: 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 68900 ٻوڏ متاثر خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي : صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سرگرمين بابت تفصيل جاري ڪيا آھن، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آھي تھ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ۽ امدادي سرگرميون جاري آهن

24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 68900 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا، مجموعي طور 1144801 خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو آهي

24ڪلاڪن دوران متاثرن کي وڌيڪ 8228 خيما، 26741 ترپال ڏنا ويا آھن، برسات متاثرن جي واھر جاري آھي، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نھ ڇڏيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔