جنسي هراسمينٽ ڪيس: اڳوڻي ڊي جي پيمرا جي برطرفي برقرار، 25 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: جنسي هراسمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي جي پيمرا جي برطرفي برقرار، 25 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم، صدر عارف علوي اڳوڻي ڊي جي پيمرا آدم جي خلاف جنسي هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکيو

 صدر اڳوڻي ڊي جي پيمرا تي لڳايل ڏنڊ جي رقم 20 لک مان وڌائي 25 لک ڪري ڇڏي، صدر جو چوڻ آهي ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته عورت ملازم کي زباني، فحش، توهين آميز تبصرن ۽ ناجائز مطالبن ذريعي هيسايو ويو

جنوري 2020 ۾ هڪ عورت ملازم جنسي هراسمينٽ جي شڪايت تي ٻڌل درخواست جمع ڪرائي هئي، وفاقي محتسب ڪشمالا طارق هراسميٽ جا الزام ثابت ٿيڻ تي 2021 ۾ اڳوڻي ڊي جي آدم جي جي نوڪري ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔