ڪنھن جي وات مان آمريڪا جو نالو نٿو ٻڌڻ چاھيان: عمران خان جي ھڪ ٻي آڊيو ليڪ ٿي وئي

ڪراچي: عمران خان جي ليڪ ٿيل آڊيو جو ٻيو پارٽ به سامهون اچي ويو ، عمران خان جي ليڪ ٿيل آڊيو جو ٻيو پارٽ به سامهون اچي ويو، شاھ محمود قريشي، اعظم خان ۽ اسد عمر جا آواز به شامل آھن

عمران خان شاھ محمود قريشي ۽ ٻين کي ھدايت ڪري ٿو تھ ملڪ جو نالو ڪنهن به صورت ۾ نه کڻڻو آهي

ليڪ ٿيل آڊيو ۾ عمران خان چوي ٿو تھ شاهه جي! اسان ٽن ۽ فارين سيڪريٽر کي سڀاڻي ميٽنگ ڪرڻي آهي، اسان کي چوڻو آهي ته هو جيڪو ليٽر آهي نه چپ ڪري ان جا منٽس لکي ڇڏي

اعظم خان چوي ٿو تھ ان جا منٽس ٺاهي ٿا وٺون، ان کي فوٽو اسٽيٽ ڪري رکي ٿا ڇڏيون، هي سائيفر 8 تي يا 9 تي آيو آهي

عمران خان چوي ٿو تھ ميٽنگ 7 تي ٿي هئي، ڪنهن صورت ۾ آمريڪا جو نالو نه کڻڻو آهي، هن اشو تي پليز ڪنهن جي وات مان ڪنهن ملڪ جو نالو نه نڪري، مان ڪنهن جي به وات مان ان جو نالو ٻڌڻ نه ٿو چاهيان

آڊيو ۾ اسد عمر چوي ٿو تھ توهان ڄاڻي واڻي ان کي ليٽر ٿا چئو، هي ليٽر نه گڏجاڻي جي ٽرانسڪرپٽ آهي

عمران خان چيو تھ اهو ئي آهي نه، ميٽنگ جو ٽرانسڪرپٽ آهي يا ليٽر، ڳالهه ساڳي آهي، ماڻهن کي ٽرانسڪرپٽ جي ته سمجهه ۾ نه اچي ها نه، توهان عوامي جلسن ۾ ائين ئي چوندا آهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔