سنڌ جا 20 هزار پرائمري اسڪول برساتن سبب زبون حال: ٽينٽ اسڪول کولڻ جو فيصلو

ڪراچي:سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھه  تازين برساتن  دوران 39 مان 20 هزار پرائمري اسڪولن جون عمارتون شديد متاثر ٿيڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسان ٽينٽ اسڪولن لاءِ تنبو فراهمي واسطي پي ڊي ايم اي اختيارين کي لکيو آهي، ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ پاران  ڪرايل جاب فيئر ”ڪيريئر ڪنيڪٽ 2022“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مالي وسيلن جي حوالي سان چيلنجز باوجود هيڪ سنڌ جي گرانٽ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي،  يونيورسٽين جي ريٽنگ کي بهتر بڻائڻ لاءِ مانيٽرنگ ۽ ايواليوشن سسٽم کي به بهتر ڪري رهيا آهن. تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تازين برساتن ۾  39 مان 20 هزار پرائمري اسڪولن جون عمارتون شديد متاثر ٿيون آهن جنهن ڪري لکين ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن، جن لاءِ جلد ٽينٽ اسڪول قائم ڪيا ويندا، هن چيو ته پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين واري عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڊي اِي اوز کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته 15 آڪٽوبر تائين ڀرتين وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي، ڀرتيون مڪمل نه ڪري سگھندڙ ڊي اِي اوز کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾هن  چيو ته يونيورسٽين ۾ واڌو ملازم ڀرتي ٿيڻ سان مادر علمين تي مالي بار پيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔