اسان کي صرف کيڏڻو آھي: آمريڪي سائفر بابت عمران خان جي آڊيو سامھون اچي وئي

ڪراچي : مبينا آمريڪي سائفر بابت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بھ آڊيو سامھون اچي وئي آھي

آمريڪي سائفر بابت پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان ۽ اعظم خان جي آڊيو ليڪ سامھون اچي وئي آھي، جنھن ۾ عمران خان کي چوندي ٻڌي سگھجي ٿو تھ ھاڻ صرف اسان کي کيڏڻو آھي، آمريڪا جو نالو ناھي وٺڻو

بس صرف اھو کيڏڻو آھي تھ ان تي تھ تاريخ پھريان کان ھئي، جنھن تي اعظم خان جواب ڏنو تھ مان اھو سوچي رھيو ھيس تھ ان سائفر جي مٿان ھڪ ميٽنگ ڪري وٺون ٿا

اعظم خان چوي ٿو تھ اوھان کي ياد آھي تھ آخر ۾ ايمبيسڊر لکيو ھو تھ ڊيمارچ ڪريو، جيڪڏھن ڊيمارچ ناھي بھ ڏيڻو تھ مون سوچيو آھي ان کي ڪور ڪيئن ڪرڻو آھي

ھڪ ميٽنگ ڪريو شاھ محمود قريشي ۽ فارن سيڪريٽري، جنھن ۾ شاھ محمود ليٽر پڙھي ٻڌائيندو ۽ اھو بھ پڙھي ٻڌائيندو تھ ان کي ڪاپي ۾ تبديل ڪنداسين منٽس مان ڪري ڇڏيندس، فارن سيڪريٽري اھا شئي ٺاھي ڇڏي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔