حڪمرانن عالمي امداد جو پئسو ڳڙڪائڻ لاءِ سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙيو: ارباب غلام رحيم

عمرڪوٽ : اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو آھي تھ حڪمرانن عالمي امداد جو پئسو ڳڙڪائڻ لاءِ سنڌ  کي هٿ وٺي ٻوڙيو، ملڪي سياست ۾ عمران  خان جو مستقبل روشن ۽ مخالفن جو  اونداهو آھي

عمرڪوٽ ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ مير طارق ٽالپر ۽ ارباب لطف سياست  پيا ڪن، عوام سان سچا ناهن، آئون  ٻنهي جي پاسي ناهيان

ارباب غلام رحيم جو چوڻ ھو تھ تاريخ جو عجيب مثال آھي، ملڪي ناڻي  جي چور کي وزير اعظم پنھنجي جھاز  ۾ گڏ کڻي آيو، 15سالن ۾ پ پ حڪومت پاڻي جي  نيڪال ۽ ڊرينيج سسٽم تي ڪو ڪم  ناهي ڪيو

عمرڪوٽ ۾ سردار شاهه ۽ پ پ ايم پي  ايز زمينون بچائڻ لاءِ غريب آبادگارن کي  ٻوڙي ڇڏيو، حڪمرانن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، ھر پاسي تباھي لڳي پئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔