ڪراچي :سنڌ ۾ ٻوڏ بعد امدادي سرگرمين ۽ نقصان جا تفصيل جاري ڪيا ويا آھن
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آھي تھ ڪيترن ئي علائقن ۾ متاثرن جي گهرن ڏانهن واپسي شروع ٿي وئي آهي
صوبائي وزير جو چوڻ آھي تھ وڏي وزير سميت سمورا عوامي نمائندا متاثرن جي مدد لاءِ فيلڊ ۾ موجود آهن، حڪومت جو سمورو ڌيان ٻوڏ وارو پاڻي نيڪالي تي آهي
متاثر ضلعن ۾ 2749 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، متاثرن کي راشن ملي رھيو آھي، صحت جي سھولتن بابت قدم کڻي رھيا آھيون