عمران خان ملڪ جي پرڏيھي پاليسي کي نقصان پھچايو، پاڪستان جا قرض امداد ۾ تبديل ڪيا وڃن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن وقت چونڊن جو مطالبو ٻوڏمتاثرن جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي، واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشيت ۽ پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو، تجويز آهي ته پاڪستان جا قرض امداد ۾ تبديل ڪيا وڃن

آمريڪا جو دورو ڪامياب رھيو، اڄ جي ۽ 6 مھينا پھريان واري پاڪستان ۾ واضح فرق نظر اچي رھيو آھي، 6 مھينن ۾ ڪنھن بھ ملڪ مان پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بھتري ئي آئي، عمران خان اسان جي پرڏيھي لاڳاپن کي نقصان پھچايو ، ھاڻ سھي رخ ۾ ھلي رھيا آھيون

آمريڪا جي دوري جو پھريون مقصد ٻوڏ متاثرن جي مدد رھيو، ٻوڏ کانسواءِ اسان جي ايجنڊا آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بھتري ھو، زراعت ۽ صحت سوڌو ٻين شعبن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جو امڪان آھي

ھن چيو تھ آمريڪا جي دوري تي وزيراعظم جي ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون آھن، پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪرڻو آھي، سيڪريٽري جنرل يو اين اجلاس جي مقوعي تي ٻوڏ متاثرن کي سرفھرست رکيو، ٻوڏ متاثرن جي لاءِ اسان جيترو بھ ڪريون اھو گھٽ آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔