ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي

…ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب عهدي تان استعيفا جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪي ايم سي کي ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي کان روڪڻ بعد مرتضيٰ وهاب جي هنگامي پريس ڪانفرنس
مرتضيٰ وهاب چيو ته مون عدالت کي ٻڌايو ته قانون موجب ڪي ايم سي کي ڪنهن به اداري ذريعي ٽيڪس اوڳاڙڻ جا اختيار آهن، ماضيءَ ۾ ميئر نجي ماڻهن ذريعي به ٽيڪس اوڳاڙيندا رهيا آهن، اهي پئسا ڪي ايم سي جي اڪائونٽ بدران ٻين جي کيسن ۾ ويندا هئا

جج صاحب چيو ڪي ايم سي جي ٽيڪس ۽ اوڳاڙي ٺيڪ آهن، پر اها اوڳاڙي ڪي اليڪٽرڪ ذريعي نه ڪئي وڃي، وڏي مشڪل سان ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي بلن ذريعي ڪي ايم سي جي ٽيڪس اوڳاڙڻ لاءِ راضي ڪيو هو

هڪ سال جي محنت جو ڦل ملڻ وارو هو ته سازشون ڪري روڪيو ويو، اهڙي صورتحال ۾ عهدي تي ڪم نه ٿو ڪري سگهان، وڏي وزير کي پنهنجي استعيفا پيش ڪندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔