اسحاق ڊار وزيراعظم شھباز شريف سان گڏ ڏيهه واپس پهچي ويو

اسلام آباد : 5 سالن کان پاڻمرادو جلاوطن ٿيل نواز ليگ جو اڳواڻ اسحاق ڊار وزيراعظم سان گڏ ڏيهه واپس پهچي ويو، اڄ ناڻي واري وزير جو عهدو سنڀاليندو

ڏيهه پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پارٽي قائد نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف ناڻي وارَي وزير جِي ذميواري ڏني آهي، پاڪستان کي معاشي ڪُن مان ڪڍڻ جِي پوري ڪوشش ڪنداسين

اسحاق ڊار موجب اسان 1998 ۽ 2013ع ۾ به ملڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍي معاشي طور سگهارو بڻايو هو

ٻئي پاسي اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري نيب ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار اسحاق ڊار طرفان سرينڊر ڪرڻ جو امڪان آھي

گھرو وزير پاران آءِ جي کي اطلاع ڏنو ويو، احتساب عدالت نمبر هڪ جو جج محمد بشير اڄ موڪل تي آهي

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله موجب جڏهن جج ايندو ته اسان به اُن ڏينهن عدالت ۾ اينداسين، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ن ليگ جا اڳواڻ احتساب عدالت مان واپس هليا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔