سنڌ ۾ اڄ کان سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ ۾ اڄ کان سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا، ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس

شرجيل ميمڻ چيو ته ٻڏي ويل علائقن مان پاڻي لهي رهيو آهي، ٻوڏ متاثر رليف ڪيمپن مان گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن، ڪجهه علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ 2 کان 3 مهينا لڳي ويندا

پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ به سرنديءَ وارا اڳتي اچن، ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏينداسين، پرڏيهه مان هڪ دوست ماڊرن وليج ٺاهي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هفتي اندر اهو دوست پاڪستان اچي ويندو، في الحال ان جو نالو  نه ٻڌائيندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔