سنڌ ۾ برسات متاثرن تان موت نه ٽريو، گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 15 ٻارن سوڌو 17 ڄڻا فوت

گولاڙچي ڀرسان چڪ 15 واسي برسات متاثر پورھيت گلاب احمداڻي جو 6  ورهين جو پٽ شھباز احمداڻي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، ڳوٺ حيات رند ۾ مليريا وگھي جاڙا ڀائر شعبان ۽ شاھجھان حياتي وڃائي ويٺا، پکو جي ڳوٺ علي حسن مغيري جي رهواسڻ 13 سالن جي شاھده مغيري مليريا سبب فوت ٿي وئي،

صالح پٽ ويجهو ٽن سالن جي شڪيلا کورکاڻي گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، خيرپور لڳ ڳوٺ ڀاڻو ڦلپوٽو ۾ 5 ورهين جو فهيم پٽ وحيد ڦلپوٽو گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو، قبو سعيدخان جي ڳوٺ ڪوٽ شاھبيگ ۾ پورھيت حاڪم بروھي جي ٻن ورهين جي ڌيءُ ناھيده بروهي مليريا وگھي فوت ٿي وئي، خانواهڻ واسي طالب سولنگي جي 8 سالا نياڻي رخسانا گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، ڳڙهي حسن ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان جکراڻي ۾ 14 ورهين جو دوران خان جکراڻي مليريا سبب دم ڏنو، ميھڙ ويجھو فريدآباد جي نياز ڪالوني واسي  ٻوڏ متاثر عبدالرحمان تيوڻو جو 6 ورھين جو پٽ زمان تيوڻو ۽ ڇنڊڻ موري تي ويٺل 10 سالن جو زبير مارفاڻي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا،

ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ 2 ورهين جي افشان ڌيءُ نصير خشڪ فوت ٿي وئي، ڪريم بخش کوسو ۾ 5 ورھين جو غلام مصطفيٰ ابڙو مليريا وگهي دم ڏنو، بڊاڻي جي ڇڄڻ پاڙي ۾ گيسٽرو وگھي 10سالن جي آمنا ڇڄڻ سکر جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، ميھڙ ڀرسان ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ گيسٽرو سبب 30 سالن جو لطف الله خاصخيلي فوت ٿي ويو، قمبر جي مين پرائمري اسڪول ۾ ترسيل ڳوٺ قادربخش چانڊيو جو رهواسي 70 سالن جو علي دوست چانڊيو مليريا سبب فوت ٿي ويو، شهدادڪوٽ جي ڳوٺ دوست علي بنگل جي رهواسڻ وزيران زال نورالدين چانڊيو مليريا وگهي فوت ٿي وئي، سندس 16 سالن جي نياڻي ضميران، 2 پٽ شاهد ۽ اسد پڻ مليريا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔