چونڊن ۾ نواز ۽ زرداري جي وڪيٽ ڪيرائيندس: عمران خان

ڪرڪ: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عمران خان کي پنهنجو آرمي چيف نه ميرٽ گهرجي، اليڪشن ۾ ٽئي وڪيٽون ڪيرائڻ جو پلان آهي، نوازشريف، زرداري ۽ ٽئين وڪيٽ لاءِ انِ سوئنگنگ يارڪر تيار آهي، مبينا آڊيو ٽيپ مان ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جي ناٺي به پئسا ٺاهيا. ڪرڪ ۾ جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم شهبازشريف جي مبنيا آڊيو ٽيپ جو حوالو ڏيندي عمران خان چيو ته ٽيپ ۾ ڪجهه شيون خاص طور تي سامهون آيون،

پهرين شئي ته مريم نواز پنهنجي ناٺي لاءِ ڀارت مان پاور پلانٽ جي مشينري درآمد ڪرائي رهي آهي، اڌ مشينري اچي چڪي آهي، سفارش ڪري رهي آهي ته وڌيڪ مشينري به منهنجي ناٺي کي ڏياريو، هوءَ ناجائز ڪم ڪرائي رهي آهي. عمران خان چيو ته اقتدار جي ذريعي ذاتي فائدو وٺڻ کي ڪرپشن چئبو آهي، منهنجي حڪومت ڀارت سان واپار ان ڪري بند ڪيو هو جو ڀارت عالمي قانون ٽوڙيو، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي 5 آگسٽ 2019ع تي ختم ڪيو هو. تحريڪ جي انصاف چيئرمين چيو ته موجوده حڪومت ڀارت سان واپار شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪي رهي آهي، جيتوڻيڪ اڃا واپار کليو ناهي پر مريم نواز جو ناٺي غيرقانوني طور اڳ ئي ڀارت کان مشينري وٺي رهيو آهي، هي پئسن لاءِ ڪشميرين جي قربانين کي نظرانداز ڪري سگهن ٿا.

هن چيو ته ٽئين شئي مصيب اها آهي ته هنن جو ڪٽنب ايترو وڏو آهي، اهي سڀ پئسا ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، آڊيو ٽيپ مان ثابت ٿي ويو ته مريم نواز جي ناٺي به پئسا ٺاهيا، مريم نواز چوي ٿي ته منهنجي ناٺي جي هائوسنگ اسڪيم لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهيو، هر هائوسنگ اسڪيم جو پنهنجو گرڊ اسٽيشن ٺاهڻو پوندو آهي، هي چون ٿا ته سرڪاري طور ٺاهيو، گرڊ اسٽيشن 70 کان 80 ڪروڙ جو ٺهندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهو نه وساريو ته هي زرداري ۽ نواز ليگ جڏهن 2008ع کان 2018ع تائين اقتدار ۾ هئا ته اسانجي ملڪ تي 400 ڊرون حملا ٿيا، دنيا ۾ ڪوبه مثال نه آهي ته جنهن جي جنگ ۾ شامل هجون اهو ئي اسانجي ملڪ تي ڊرون حملا ڪري، اهڙي غلامي ڪرڻ کان بهتر آهي ته انسان زنده ئي مري وڃي، ان لاءِ آئون مقابلو ڪندس. عمران خان وڌيڪ چيو ته جنرل مشرف جي دور ۾ جڏهن مون آزاد عدليا لاءِ جيل ۾ وقت گذاريو ته اتي ڪوبه امير ڦورو نظر نه آيو،

رڳو غريب نظر آيا پر جڏهن آئون قومي اسيملبي ۾ ويس ته اتي وڏا وڏا ڦورو ويٺل نظر آيا، اسانجي ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان وڏي ڦورو کي نه پڪڙيندا آهيون. هن چيو ته ڪڏهن به قوم پني ترقي ناهي ڪندي، ڪابه قوم جنهن ۾ غيرت ناهي هوندي اها ڪڏهن به اڳتي ناهي ايندي، قرض وٺي يا امداد وٺي ترقي ڪرڻي هجي ها ته هن وقت تائين ڪري چڪا هجون ها، جڏهن افغان جهاد ٿيو ته پاڪستان انهن جي مدد ڪئي ۽ چيو ته اسان جهاد ۾ شرڪت ڪريون ٿا، اسانجي ان وقت جي سربراهه پئسا گهريا ته اسان کي ڪيترا پئسا ڏيندا؟ بدقسمتي اها آهي ته اسانجو اڄوڪو وزيراعظم آمريڪا ۾ وڃي هر هنڌ پئسا گهري رهيو آهي ته خدا جي واسطي اسان کي پئسا ڏيو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو  چوڻ هو ته ڪي پي ڪي جو وزيراعليٰ محمود خان هڪ ايجوڪيشن ڪارڊ کڻي اچي رهيو آهي ته جيئن شاگرد سٺي اسڪولن ۾ وڃي پڙهي سگهن. هن چيو ته اڄ ڀارت پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي، ان جي آزاد پرڏيهي پاليسي آهي، آمريڪا ڪجهه به چوي ان کي ڪا پرواهه ناهي هوندي، چين ڪيئن ترقي ڪئي،

چين برآمدات ڪئي، اهو 30 سالن ۾ ڏسندي ڏسندي ترقي جي منزل تي پهچي ويو، اوڀر پاڪستان به اڳتي نڪري ويو، ڇاڪاڻ اسان ڪڏهن آمدني وڌائڻ جو ناهي سوچيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي آمريڪي ۾ ڏنل انٽرويو جو حوالو ڏيندي عمران خان چيو ته بلاول ڀٽو چوي ٿو ته عمران خان پنهنجو آرمي چيف لڳرائڻ چاهي ٿو، مونکي نه پنهنجو آرمي چيف گهرجي، نه آءِ ايس آءِ چيف ۽ نه وري پنهنجو چيف جسٽس گهرجي، نيب چيئرمين جو به پنهنجو نه کپي، عمران خان کي اهي سمورا ماڻهو ميرٽ تي گهرجن، پر زرداري ميرٽ جو مطلب ئي ناهي ڄاڻيندو، جيڪڏهن ڄاڻي ها ته بلاول جي جاءِ تي اعتزاز احسن هجي ها جيڪو مڃيل سياستدان آهي. عمران خان چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ملڪ ۾ اليڪشن طرف وينداسين ۽ هميشه لاءِ زرداري مافيا ۽ شريف مافيا کي اليڪشن بعد پاڪستان جي سياست ۾ شڪست ڏينداسين، اليڪشن ۾ منهنجو پلان آهي ته 3 وڪيٽون ڪيرائڻيون آهن،

زرداري ۽ شهبازشريف جي وڪيٽ آهي، ان سان گڏ ٽئين وڪيٽ کي به وڏي وقت کان ڏسي رهيو آهيان، ان لاءِ مون اِن سوئنگنگ يارڪر تيار ڪيو آهي، دير ڪري سوئنگ ڪندس پر وچين وڪيٽ اڏاري ويندس، فضل الرحمان اقتدار ۾ ايندي ئي پٽ کي ان وزارت تي ويهاريو جتي سڀ کان وڌيڪ پئسو ٺهندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن حڪومت ايندي ئي رحمت اللعالمين اٿارٽي بند ڪري ڇڏي، کين شرم اچڻ گهرجي، اسان پنهنجي ماڻهن جي تربيت ڪندا آهيون ته سٺي ۽ خراب جو فرق سمجهون، حڪومت ۾ واپس اچي اٿارٽي کي ٻيهر بحال ڪنداسين، نوجوانن جي تربيت ڪنداسين. نواز شريف جا پٽ اربين رپين جي گهرن ۾ رهن ٿا، اهڙن مهانگن علائقن ۾ رهن ٿا، جتي برطانيا جو وزيراعظم به نٿو رهي سگهي، اسحاق ڊار جا پٽ به ٻاهر ٿا رهن، اهي پئسو ٺاهڻ لاءِ اقتدار ۾ ايندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔