ڊينگي ۽ مليريا ڪيسن ۾ رڪارڊ واڌ: اينٽامالاجسٽن جي کوٽ: ڊپٽي ڊي جي کي هٽايو ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ تازين برساتن کانپوءِ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري مليريا ۽ ڊينگي خطرناڪ حد تائين پکڙجي رهيا آهن انهي باوجود اربين رپين جي سالياني بجيٽ استعمال ڪندڙ صحت کاتي جي اختيارين ويڪٽربارن ڊزيز جي خاتمي لاءِ ڪي اثرائتا اپاءُ ناهن ورتا،ان حوالي سان مليل سرڪاري انگن اکرن موجب پرڳڻي ۾ رڳو ڊينگي سبب 33 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن،

جڏهن ته هلندڙ مهيني ڊينگي جا 5382 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾  ڊينگي جا 419 ڪيس ظاهر ٿيا،  جن مان 343 ڪيس رڳو ڪراچي جا آهن، اهڙي طرح حيدرآباد ۾ 52، ميرپورخاص ۾ 8، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ 3_3، سانگھڙ ۽ شڪارپور ضلعن ۾ 2_2، ٿرپارڪر، قمبر، خيرپور ۽ شهيد بينظيرآباد ضلعن ۾  وڌيڪ هڪ هڪ ڊينگي جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي. اهڙي طرح 24 ڪلاڪن ۾ مليريا جي 4430 ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 98، حيدرآباد ڊويزن ۾ 1688، ميرپورخاص ڊويزن ۾776، شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 115، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 1330 ۽ سکر ڊويزن ۾ 421 مليريا جا ڪيس سامهون آيا آهن،

جائزي دوران معلوم ٿيو ته صحت کاتي وٽ 30 ضلعن ۾ ڊينگي ۽ مليريا واري مڇر جي موجودگي جي نشاندهي لاءِ رڳو 2 اينٽامالاجسٽ مقرر ٿيل آهن، ذريعن موجب ويڪٽر بارن ڊزيز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل  ڊاڪٽر تيرٿ داس ڪجهه ڏينهن اڳ صحت کاتي جي سيڪريٽري کي نوان اينٽامالاجسٽ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. جنهن تان ڊپٽي ڊي جي ڊاڪٽر تيرٿ داس کي هٽائي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 19هين گريڊ جي مشتاق شاھ کي ڊپٽي ڊي جي جنرل واري 20هين گريڊ جي پوسٽ تي مقرر  ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪجهه هفتا اڳ ئي مشتاق شاھه کي ناقص ڪارڪردگي تان ميرپورخاص جي ڊي ايڇ او واري عهدي تان هٽايو ويو هو،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔