وزيراعظم شهباز شريف نوازشريف سان ملاقات لاءِ لنڊن پهچي ويو

وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي قائد نوازشريف سان اهم ملاقات ڪرڻ لاءِ نيويارڪ مان سڌو لنڊن پهچي ويو

ذريعن موجب ملاقات دوران پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي بابت مشاورت ڪئي ويندي، ٻئي اڳواڻ عمران خان جي امڪاني لانگ مارچ کي روڪڻ بابت به غور ويچار ڪندا
وزيراعظم لنڊن روانگي کان اڳ نيويارڪ ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڀارت سان ڪشمير معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، دنيا کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي
هن چيو ته ڀارت کي والاريل ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ وارو تڪراري قانون واپس وٺڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔