عمران خان هٿياربند جٿا وٺي اسلام آباد آيو ته کيس روڪينداسين: راڻا ثناءُ الله

لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان هٿياربند جٿا وٺي اسلام آباد آيو ته کيس پوري طاقت سان روڪينداسين

وفاقي گهرو وزير چيو ته پنجاب حڪومت ڪجهه ووٽن جي مهمان آهي، پنجاب حڪومت جو رويو ڏسندي حڪومتي تبديلي آڻڻ ضروري آهي
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۾ ووٽن جي ذريعي ۽ ٻين آئيني طريقن سان به حڪومت تبديل ڪري سگهجي ٿي
هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عمران خان جا جلسا ڇا جي ڪري ڀريل هوندا آهن، عمران خان جي دور ۾ مهانگائي جو فائدو اپوزيشن کي پيو هو، هاڻوڪي مهانگائي سبب اسان جو سياسي نقصان ٿيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔