سنڌ ۾ وبائي بيماريون: وڌيڪ 12 ڄڻا فوت

ڪراچي: ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگهي وڌيڪ 12 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا
اڪري چودڳي ۾ 25 سالن جي نوجوان ناري زاهده گيسٽرو وگهي دم ڏنو، نوجوان اڱڻ نوراني ڊينگي وگهي فوت ٿي ويو
پيرڳوٺ ۾ اقبال خاتون مليريا وگهي حياتي وڃائي ويٺي، بخشاپور جي ڳوٺ مولوي دڙو ۾ گيسٽرو وگهي 6 سالن جي ٻارڙي شهزادي دم ڏنو

ٺل جي ٻرڙا ڪالوني ۾ نوجوان وسيم ٻرڙو مليريا وگهي فوت ٿي ويو، مانجهند جي علائقي کاڻوٺ ۾ مليريا وگهي مسجد جو پيش امام محمد بخش بروهي فوت ٿي ويو
ڪراچي کان ڳوٺ ويندڙ رتيديري واسي امين جتوئي مليريا جي تيز بخار وگهي نيوسعيد آباد ۾ دم ڏنو، قمبر جي ٽينٽ سٽي ۾ ترسايل ٻوڏ متاثر پيرل چانڊيو جي اڍائي ورهين جي بيمار ٻارڙي فرزانه به علاج جون سهولتون نه ملڻ تي فوت ٿي وئي
صالح پٽ جي ڳوٺ شهباز ڏنو کورکاڻي ۾ گيسٽرو وگهي 6 سالن جي ٻارڙي طفيل احمد دم ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔