لاڙڪاڻي ۾ تعليمي ادارا کلي نه سگهيا، شاگردن جي تعليم متاثر

لاڙڪاڻو : لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي جي ڪري مهينو اڳ تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري جي هدايتن تي ضلعي انتظاميه طرفان تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي تعليمي ادارا کلي نه سگهيا ۽ اڪثر تعليمي ادارن ۾ ٻوڏ توڙي برساتي متاثر ترسيل آهن، جن جو واسطو لاڙڪاڻي، قمبر، شهدادڪوٽ، غيبي ديرو، وارهه، قبوسعيد خان، بهرام، جيڪب آباد، ٺل، اوستا محمد سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن سان آهي، تعليم کاتي لاڙڪاڻي موجب لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تازو طوفاني برساتن کان پوءِ ضلعي انتظاميه طرفان لاڙڪاڻي ڊويزن جي 26 ڪاليجن ۾ متاثرن کي ترسايو ويو جن مان لاڙڪاڻي ضلعي جي 11 ڪاليجن مان صرف 3 ڪاليجن کي متاثرن کان خالي ڪرايو ويو آهي ۽ هن وقت به 8 ڪاليجن ۾ متاثر ترسيل آهن، اهڙي طرح ضلعي جي 113 هاءِ اسڪول ۾ متاثرن کي ترسايو ويو، جن مان هن وقت صرف 60 هاءِ اسڪولن کي متاثرن کان خالي ڪرايو ويو آهي ۽ هن وقت به 53 اسڪولن ۾ اڃان تائين متاثر ترسيل آهن. جڏهن ته ضلعي جي 326 پرائمري اسڪولن ۾ برسات متاثرن کي ترسايو ويو جن مان هن وقت تائين 100 اسڪولن کي متاثرن کان خالي ڪرايو ويو آهي ۽ هن وقت به 226 پرائمري اسڪولن ۾ برسات متاثر ترسيل آهن. ان حوالي سان تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن جو چوڻ هو ته تعليمي ادارن مان ٻوڏ متاثرن کي خالي ڪرائڻ جو سلسلو جاري آھي جلد خالي ڪرائي تعليمي ادارن کي معمول مطابق هلايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔