سنڌ ۾ برساتن سبب 747 انساني جانيون ضايع ٿيون، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪيون پيا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:   سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي نئين سِر اڏاوت لاءِ مدد ڪندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي ٻيهر اڏاوت لاءِ سندن  مدد ڪندي

ڪراچي جي 5 رليف ڪئمپن  ۾ هن وقت 16 هزار هڪ سئو 4 متاثر موجود آهي، ٻوڏ متاثرن کي سندن گهرن ۾ کاڌو ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي

متاثرن کي پڪل کاڌو، صاف پاڻي، دوائون ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن،  2908 رليف ڪئمپن ۾ 3 لک کان وڌيڪ متاثر موجود آهن

جاري بيان ۾ شرجيل ميمڻ جو چوڻ ھو تھ رليف ڪئمپن ۾ 3 لک 82 هزار 871 متاثر موجود آهن،  متاثرن ۾ هيل تائين 3 لک 18 هزار 364 ٽينٽس ورهايا ويا آهن

برساتن سبب 747 انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، متاثرن جي واھر ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔