سنڌ ۾ بدترين غلامي آهي، آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي: عمران خان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سربراھھ عمران خان چيو آھي تھ عمران خان چيو آهي ته سنڌ ۾ بدترين غلامي آهي، حقيقي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي

اسلام آباد ۾ اسٽوڊنٽس ڪنونشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته غريب ملڪن جي هڪ ئي ڪهاڻي آهي، غريب ملڪن ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني نه هوندي آهي

پاڪستان تي به چورن جو قبضو آهي، جڏهن چور چوڪيدار بڻجي وڃن ته پوءِ ملڪ جي ترقي ڪيئن ٿيندي

عمران خان چيو تھ پاڪستان ۾ سڀ کان بدترين حالت سنڌ ۾ آھي، بدترين غلامي ۾ ڦاٿل ماڻھن کي حقيقي آزادي ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔