سنڌ ۾ مليريا ۽ گيسٽرو: وڌيڪ 11 ڄڻا فوت

ڪراچي: سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مليريا ۽ گيسٽرو اڄ وڌيڪ 11 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، خان واهڻ ۾ 2 ٻار مليريا ۽ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، جن ۾ ٽن سالن جو غلام علي ۽ 8 سالن جو نعمان شامل آهن

مانجهند ۾ مليريا ۽ گيسٽرو وگهي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ بشير شاهه ۽ لائق شاهه شامل آهن

دولتپور ۾ مليريا وگهي 6 سالن جي ٻارڙِي عروسا ابڙو دم ڏنو، مريد شاخ ۾ مليريا وگهي شهزاد نالي ٻار فوت ٿي ويو

کورواهه ۾ گيسٽرو وگهي ٻارڙو احمد علي حياتي وڃائي ويٺو، نيو سعيد آباد ۾ ٻوڏ متاثر عورت امرا زادي حاجاڻو مليريا وگهي دم ڏنو

صالح پٽ ويجهو ڳوٺ شهباز ڪورڪاڻي ۾ ٻن سالن جو ٻارڙو محافظ علي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ ڀيڻ به گيسٽرو وگهي فوت ٿيا هئا

ڳوٺ ۾ گيسٽرو وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو، سيتا ۾ به گيسٽرو وگهي ٻارڙي فوت ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔