پي سي بي چيئرمين ملڪ ۽ سرفراز کي عالمي ڪپ اسڪواڊ جو حصو نه بڻائڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بور ڊ جي چيئرمين رميز راجا گذريل ڏينهن سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ پرستارن جي لائيو ڪال ۾ پڇيل سوالن جا جواب ڏنا.

پاڪستان سميت ڀارت مان پڻ ڪيئي ڪالز آيون جن پي سي بي چيئرمين کان سوال ڪيا ۽ ڪرڪيٽ لاءِ سندن ڪاوشن کي ساراهيو پر فون ڪالز دوران هڪ شئي خاص هوئي ۽ اها اٽڪل پنجين مان ڇهون ماڻهو هڪ ئي مڊل آرڊر کي عالمي ڪپ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ بابت سوال هو.

جڏهن کان ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي اسڪواڊ جو اعلان ٿيو آهي تڏهن کان ٽوئيٽر تي واهپيدارن سميت ناميارا اڳوڻا ڪرڪيٽر پڻ اسڪواڊ جي سليڪشن تي تنقيد ڪري رهيا آهن.

ڪيئي واهپيدارن اهو چوڻ هو ته مڊل آرڊر ۾ ڪو تجربيڪار بيٽر ناهي ۽ انڪري ٽيم ۾ شعيب ملڪ يا سرفراز احمد کي شامل ڪرڻ گهرجي ها.

جڏهن ته رميز راجا کي ڪال ڪرڻ وارا ڪيئي ڪرڪيٽ پرستار سڌو سنئون وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد کي سليڪٽ نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

رميز راجا جو سوالن جي جواب ۾ چيو ته رانديگرن جي چونڊ سليڪشن ڪميٽي ڪندي آهي ۽ انهن معاملن کان پري آهيان، منهنجي خيال ۾ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نئين ٽيلنٽ کي آزمائجي ۽ کين موقعو ڏنو وڃي.

هڪ مداح پي سي بي چيئرمين کان وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث کي سرفراز احمد تي ترجيح ڏيڻ بابت سوال ڪيو جنهن تي رميز راجا چيو ته پاڪستان لاءِ خدمتن سبب سرفراز احمد کي ڊراپ ڪرڻ ڏکيو آهي پر اسان مستقبل جي رٿابندي ڪري رهيا آهيون، ڄاڻان ٿو ته محمد حارث ۾ ٽيلنٽ آهي ۽ ڪارڪردگي پڻ ڏيکاريندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔