حضرت امام حسين عه ۽ سندن ساٿين جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ حضرت امام حسين عه ۽ سندن ساٿين جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.

مختلف شهرن ۾ جلوسن ڪڍي عزاداري ۽ نوحا خواني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ڪراچي

ڪراچي جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان منجهند هڪ وڳي نڪتو، جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو امام بارگاهه حسينيا ايرانيان ۾ پڄاڻي تي پهچندو.

جلوس جي حوالي سان مختلف رستا ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته موبائل فون سروس پڻ بند آهي.

لاهور

لاهور جي ڊي آءِ جي آپريشنز افضال احمد ڪوثر موجب جلوس جي رستن تي 8 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر آهن، ڪميونٽي رضاڪار، ايليٽ فورس ۽ سادي لباس ۾ پوليس جوان به مقرر ڪيا ويا آهن.

اسلام آباد

اسلام آباد پوليس چيو آهي ته چاليهي جو مرڪزي جلوس خير خيريت سان گذري ويو آهي.

اسلام آباد پوليس ٽوئيٽ ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ ۽ پروپئگنڊا کان پاسو ڪيو وڃي، ائين ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

راولپنڊي

راولپنڊي ۾ به چاليهي جو جلوس روان دوان آهي، پوليس موجب 3 هزار 600 کان وڌيڪ پوليس ۽ 236 وارڊنز کي مقرر ڪيو ويو آهي.

اهڙي ريت ملڪ جي ٻين شهرن پشاور، ڪوئيٽا، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ به ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جلوس ڪڍيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔