ڪراچي : ڊالر جي مٿانهين اڏام برقرار آھي، 240 رپين تي پهتو آھي، سون 300 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا واڌ سان 153500 مان 153800 رپيا في تولو ٿي ويو
جڏهن ته چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر 2 رپين جي اضافي سان 239 مان 241 رپين تي پهتو، ٻئي طرف پائونڊ 4 رپيا واڌ سان 275.5 مان 279.5 ۽ يورو هڪ رپيو واڌ سان 239.5 مان 240.5 رپيا ٿي ويو