ڪمند جو اگهه ۽ شگر ملز هلائڻ بابت درخواست تي سنڌ سرڪار ۽ ملز کي نوٽيس

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملون هلائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ سرڪار، ڪين ڪمشنر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب سمورا فصل تباهه ٿي چُڪا آهن، سنڌ سرڪار کي فوري طور تي ڪمندجي في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگرملون هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي

عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ سرڪرا، ڪين ڪمشنر، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔