ٻوڏ متاثرن جو صبر جواب ڏئي ويو آهي، حڪومت وٽ صبر آهي: مراد علي شاهه

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ دوران ڌيڍ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ٻوڏ متاثرن لاءِ 15 لک خيما گهرجن، راشن لاءِ به سڀني سان رابطا ڪري رهيا آهيون

حيدرآباد ۾ اجلاس بعد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت کان مطالبا ۽ شڪايت ڪرڻ ٻوڏ متاثرن جو حق آهي، ٻوڏ متاثرن ۾ صبر ۽ سهپ ختم ٿي وئي آهي

هن چيو ته  حڪومت به صبر ڇڏيو ته ڏُکيائيون وڌي وينديون، سنڌ جي زمين تي 120 ايم اي ايف پاڻي آيو آهي، ماهرن تجويز ڏني ته پاڻي کي گهُمايو، ٻڌايو وڃي ته پاڻي کي ڪيئن گُهمائي سگهجي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔