وڏو وزير تبديل نه پيو ٿئي، وفاق سنڌ کي پئسا ناهن ڏنا: عذرا پيچوهو

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير تبديل  نه پيو ٿئي، افواهن تي ڌيان نه ڏيو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران عذرا پيچوهو چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه بهتر ڪم ڪري رهيو آهي، سندس تبديلي جون ڳالهيون رڳو افواهه آهن

هن چيو ته وفاق پاران سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ اعلانيل پئسا اڃا نه مليا آهن، مليريا جي دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون

صوبائي وزير چيو ته اسپتالن ۽ ليبارٽريز پاران مليريا ۽ ڊينگي جي چڪاسن جون رپورٽون شيئر نه ڪيون پيون وڃن، انگ اکر نه ڏيندڙ اسپتالون ۽ ليبارٽريز بند ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔