سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب تباهي جا انگ اکر جاري

ڪراچي: سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب تقريبن هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 5 لک کان وڌيڪ گهر مڪمل طور تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي

سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ موجب برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۾646 ماڻهن جي قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي

هن ٻڌايو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۾ 8321ماڻهو زخمي ٿيا، سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ کي به شديد نقصان پهتو آهي، هن وقت تائين 2لک 317ڍور مري چڪا آهن

شرجيل ميمڻ موجب مجموعي طور تي 15لک98هزار 90گهر متاثر ٿيا آهن، پنج لک 249گهر مڪمل طور ڊهي پٽ ٿي ويا آهن

شرجيل ميمڻ موجب، مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ5لک 52هزار903 ماڻهو متاثر ٿيا آهن، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

متاثرن لاءِ ڪراچي ۾ 41، حيدرآباد ۾ 296، سکر ۾ 269، شهيد بينظيرآباد ۾ 579 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 481 ڪئمپون قائم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

شرجيل چيو ته 4لک94هزار 357 راشن بيگ متاثرن ۾ ورهايون ويون آهن، ٻوڏ متاثرن ۾ 2لک 22هزار 584 خيما، 18لک 52هزار 298 مڇردانيون ورهايون ويو آهن

هن ٻڌايو ته 2لک 2هزار 825 پلاسٽڪ ترپال، هڪ لک 157 چوپائي مال جون مڇردانيون ورهايون ويون آهن، ريسڪيو آپريشن جاري آهي، پاڪ آرمي، نيوي ۽ هوائي فوج جا جوان شريڪ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔