ڪراچي ۾ ڊينگي جا 201 ڪيس پهتا: اسپتالن ۾ بيڊ ڀرجي ويا

ڪراچي:سنڌ ۾ ڊينگي تي ضابطو نه آيو، ڪراچي شديد متاثر، ڪي ايم سي وٽ اسپري مشينن واري گاڏين جي کوٽ، 246 يوسيز  لاءِ انتظاميا وٽ رڳو 30 گاڏيون موجود! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ تازو پيل برساتن کانپوءِ پاڻي جمع هجڻ سبب ڊينگي جهڙي خطرناڪ وبا پکڙجي وئي آهي، سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾رڳو ڪراچي ۾ ڊينگي جا 201 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ان حوالي سان صحت کاتي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڊينگي جي ڪيسن جو هلندڙ مهيني انگ 1462 تائين پهچي ويو آهي هوڏانهن  ڪراچي ۾ ڪيسن ۾ واڌ باوجود ڪي ايم سي اختيارين وٽ مڇرمار اسپري لاءِ انتظام اڻپورا آهن، ڪراچي ۾ 246 يوسيز هجڻ باوجود ڪي ايم سي اختيارين وٽ رڳو 30 اسپري مشينون موجود آهن، ڪي ايم سي اختيارين جو چوڻ آهي ته روزانو 30 يوسيز ۾ مڇرمار اسپري استعمال ڪيو وڃي ٿو، اسان في گاڏي کي 15 ليٽر پيٽرول ڏيون پيا ٻئي پاسي ڄاڻ ملي آهي ته مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي ڪيسنن ۾ مبتلا مريضن جو وڏو انگ پهچڻ سبب بسترا ختم ٿي ويا آهن. واضح رهي ته صحت کاتي پاران روزانو جي بنياد تي جاري ٿيندڙ ڊينگي ڪيسن واري رپورٽ جي ڀيٽ ۾ اسپتالن ۾ وڌيڪ مريض پهچي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔