بغاوت ڪيس: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو شھباز گل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : بغاوت ڪيس ۾ شهبازگل جي ضمانت منظور ڪئي وئي، کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهبازگل جي ضمانت منظورڪري ورتي آھي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شهبازگل جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت طرفان شهباز گل کي 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم  ڏنو ويو

چيف جسٽس اطهر من الله شهباز گل جي وڪيل کي سياسي ڳالهيون  ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس جو چوڻ ھو تھ قانوني نقطن تي دليل ڏنا وڃن

چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو چوڻ ھو تھ سياسي جماعتن نفرت کي ڪهڙي  حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي، ان تقرير  کي ڏسي وٺو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔