آرمي چيف اڄ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اڄ سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪندو . پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٻوڏ کان متاثر سنڌ جي ضلعي دادو ۽ ٻين علائقن جو  اڄ دورو ڪندو اتي ٻوڏ دوران رليف جي ڪمن ۾ مصروف فوج جي جوانن سان ملاقات ڪندو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سنڌ جي دوري دوران ريليف ۽ ميڊيڪل ڪئمپن ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان به ملندو ۽ انهن کان رليف جي ڪمن بابت به پڇندو . آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سنڌ جي علائقن دادو ، خيرپور ناٿن شاهه، جوهي ، ميهڙ، ۽ منڇر ڍنڍ جي متاثرن سان ملاقات ڪندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔